اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد کان ڪراچي پهتو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪراچي ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم ۽ وزيراعظم يوٿ بزنس ??ون جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم سنڌ جي ??وشيار شاگردن ۾ ميرٽ تي ليپ ٽاپس ۽ باصلاحيت نوجوانن ۾ چيڪ ورهائيندو. وزيراعظم کي تقريب کي خطاب ڪندو. وزيراعظم جي سنڌ جي ??ڏي وزير ۽ گورنر سان جدا جدا ملاقاتن سان گڏوگڏ پاڪستان بزنس ڪائونسل ج?? ميمبرن سان پڻ ملاقات ٿيندي. بعد ۾ وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي ??اءِ سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي ۾ تعمير ٿيل گهرن جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم ڪراچي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪا??رس جي اهتمام هيٺ ايڪسپورٽ ايوارڊز ۾ شرڪت ڪندو ۽ روانگي واپار جي شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪمپنين کي ايوارڊز ڏيندو. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندو. وزيراعظم ڪراچي چيمبر آف ڪا??رس اينڊ انڊسٽريز جي ??يمبرن سان ملاقات پڻ ڪندو.