اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) آذربائيجان جو ڊيجيٽل ڊيولپمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ وار?? وزير رشاد نبيوف 17 کان 19 جولاءِ تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته هي دور?? وزيراعظم جي باڪو جي تازي دوري کانپوءِ ٿي رهيو آهي. آذربائيجان ج?? وزير رشاد نبيوف انفارميشن ٽيڪنالاجي، هوابازي، مواصلات، ريلويز ۽ سامونڊي معاملن جي وزارتن جي پاڪستاني هم منصبن سان ملاقاتون ڪندو ۽ ڪ??يڪٽيويٽي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شع??ن ۾ ٻطرفي تعا??ن جو جائزو وٺندو.