پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري اسان جي اولين ترجيح آهي، ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي اسرندڙ ملڪن ??ي مالياتي مدد جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي، موسمياتي انصاف سان گڏ اسرندڙ ملڪن سان عالمي مالياتي وسيلن جي ورڇ ۾ پ?? منصفاڻو رويو گهربل آهي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪ??يٽ??ي جنرل انتونيو گوتيرس سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ??ي ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت عالمي سربراهي اجلاس ??ي موقعي تي ٿي. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪ??يٽ??ي جنرل جي شاندار آجيان ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن جي سيڪ??يٽ??ي جنرل وزيراعظم جي جوابي خير??گا??ي جي پرجوش جذبن سان آجيان ڪئي. ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته توهان کي پاڪستان جو محسن تصور ڪريون ٿا، ٻوڏ ??ي موقعي تي توهان ??ي مدد وساري نه ٿا سگهون، موسمياتي تبديلين سان پاڪستان م ٿيندڙ تباهي جا توهان اکين ڏٺا شاهد آهيو. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي قدمن بابت سيڪ??يٽ??ي جنرل کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري اسان جي اولين ترجيح آهي ۽ رهندي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سان اسرندڙ ملڪن تي معاشي دٻاءُ وڌيڪ وڌي ويو آهي، اسرندڙ ملڪن ۾ واڌويجهه جي شرح وڌائڻ ۽ مالياتي تو??زن برقرار رکڻ ۾ نوان مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي اسرندڙ ملڪن ??ي مالياتي مدد جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي، نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ پيرس ۾ سربراهي ڪانفرنس هڪ سٺي ۽ صحيح رخ ۾ شروعات آهي. هن چيو ته موسمياتي انصاف سان گڏ اسرندڙ ملڪن سان عالمي مالياتي وسيلن جي ورڇ ۾ پ?? منصفاڻو رويو گهربل آهي. گڏيل قومن جي سيڪ??يٽ??ي جنرل ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ وزيراعظم ۽ ان جي حڪومت جي جذبي کي ساراهيو.