باڪو – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان جي قيادت ٻنهي ملڪن جي حصيداري عمل کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ توانائي بحران جي خاتمي لاءِ روس کانپوءِ آذربائيجان ??ان ايندڙ مهيني کان رعايتي ايل اين جي ڪارگو پاڪستان اچڻ شروع ٿي ويندا. آذربائيجان ڪابينا آذربائيجان کان ايل اين جي پاڪستان آڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم ش??با?? شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان باڪو ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم کي اها خوشخبري ڏني وئي. وزيراعظم ش??با?? شريف گذريل ڇهن مهينن کان ان ڊيل تي ڪم ڪري رهيو هو. وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ان ڊيل تي باضابطا عملدرآمد شروع ٿي ويندو. آذربائيجان جي قومي ايل اين جي ڪمپني هر مهيني رعايتي قيمت تي هڪ ايل اين جي ڪارگو پاڪستان ??وڪليندي. وزيراعظم ش??با?? شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن توانائي، زراعت، ٽرانسپورٽ، دفاع، سيڙپڪاري ۽ واپار سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي سگهه ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. آذربائيجان ??اڪستان جي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪ??ڻ ۾ تعاون ڪندو، آذربائيجان ??اڪستان جي تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ مدد ڪندو، ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) ۽ آذربائيجان جي ڪمپني سوڪار حڪومت سان حڪومت جي سطح تي پاڪستان جون توانائي ضرورتون پوريون ڪ??ڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. آذربائيجان ??اڪستان ??ان ايندڙ چانور تي درآمدي ڊيوٽي جي ڇوٽ جي ٺوس نظام جي تياري تي اتفاق ڪيو. آذربائيجان جي صدر چيو ته آذربائيجان اڳ ۾ ئي پاڪستان ??ان درآمدي چانور تي امپورٽ ڊيوٽي جي ڇوٽ ڏئي چڪو آهي. ان ??وقعي تي ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته آذربائيجان جي آذر ايئرلائين اسلام آباد ۽ ڪراچي جي لاءِ ٻه اڏامون هلائيندي، شمسي توانائي جي شعبي ۾ آذربائيجان ??اڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندو، دفاع جي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي پڻ ٻنهي ملڪن جي قيادت ۾ اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان دنيا جو ٻيو ملڪ هو جنهن آزادي کانپوءِ آذربائيجان کي سڀ کان اڳ تسليم ڪيو هو. پهرين مارچ 2017ع تي اي سي او اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر الهام عليوف دفاعي مصنوعات گهرائڻ جي تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون.