اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان چيو آهي ته ميڊيا جي ترقي حڪو??ت جي ا??لين ترجيح آهي، اسان کي ميڊيا انڊسٽري کي درپيش مسئلن جو چڱي ريت ادراڪ آهي، انهن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. اها ڳالهه هن سي پي ا??ن اي جي باني صدر خوشنود علي خان جي سربراهي ۾ ملاقات لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد سهيل علي خان کي اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سي پي ا??ن اي اسلام آباد جي ڪنوينر ممتاز حسين ڀٽي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري کي ميڊيا انڊسٽري کي درپيش مسئلن جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل 5 سالن دوران تمام گهڻي مهانگائي جي ڪري ميڊيا انڊسٽري شديد بحران جو شڪار آهي، ميديا انڊسٽري کي بحران ??ان ڪڍڻ جي لاءِ حڪومت سرڪاري اشتهارن جي ڪاٿي ۽ ريٽس ۾ مهانگائي جي شرح کي نظر ۾ رکندي مناسب ??ضا??و ڪري. وفد ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته عمران خان حڪومت دور جي سينٽرلائيزڊ ميڊيا پاليسي جي ڪري سرڪاري ادارن نه رڳو پنهنجي پبلسٽي بجيٽ کي گهٽ ڪيو پر پاڪستان ۾ اسلام ۽ ملڪ جي حوالي سان ملهائجندڙ ڏهاڙن جي موقعي تي نوجوان نسل کي اسلام ۽ پاڪستانيت کان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ قومي وحدت جي لاءِ ميڊيا تي پيغامن، تقريري ۽ لکت وارن مقابلن جو رجحان پڻ گهٽ ٿيو آهي جنهن جي ڪري قومي وحدت کي نقصان پهچي رهيو آهي. وفد چيو ته ان آمراڻي پاليسي جي ڪري ڪجهه ادارن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ بدران سڌوسنئون ميڊيا اشتهار جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آ??ن. ??ن صورتحال تي ضابطو نه آندو ويو ته رياست پاڪستان کي شديد نقصان ٿيندو. وڌيڪ اهو ته سي پي ا??ن اي چاهي ٿي ته اشتهارن جي ورڇ کي منصفاڻو بڻايو وڃي جنهن تي اطلاعات واري سيڪريٽري سهيل علي خان چيو ته حڪومت آزاد ميڊيا جي ترقي تي نه رڳو يقين رکي ٿي پر سمورين مالي مشڪلاتن جي باوجود ان جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي سربراهي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت حڪومت ۽ ميڊيا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندي رهندي. ميڊيا انڊسٽري کي بحران ??ان ڪڍڻ جي لاءِ اشتهارن جي ڪاٿي ۽ اگهن ۾ ??ضا??ي جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. ان موقعي تي روزاني دن جي ا??ڊيٽر ممتاز حسين ڀٽي ۽ روزاني صدائي سچ جي ا??ڊيٽر سيد تبسم عباس شاهه تي ٻڌل ٻه رڪني ڪميٽي ٺاهي وئي جيڪا پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي لاڳاپيل عملدارن سان گڏجي اخبارن کي درپيش مسئلن جي ازالي جي لاءِ ڪم ڪندي. وفد جي ميمبرن ۾ ڪنوينر اسلام آباد ممتاز حسين ڀٽي (ايڊيٽر روزاني دن)، سيد تبسم عباس شاهه (ايڊيٽر روزاني صدائي سچ)، عقيل ترين (ايڊيٽر روزاني غزنوي)، زاهد فاروق ملڪ (ايڊيٽر روزاني ميٽرو واچ)، حسن وقار تراب (ايڊيٽر روزاني جهان)، جعفر علي بلتي (ايڊيٽر روزاني سلام گلگت)، ظهير بخاري (ايڊيٽر روزاني ا??ڪشاف)، رائو احسان (روزاني سرمايه)، شمشاد مانگٽ (روزاني زور آور) ۽ اويس قاضي (ايڊيٽر روزاني سن نيوز) شامل هئا.