اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ڪوڙ سان ??اڻ??ن جي ذهن سازي ڪري انهن کي ملڪ دشمني، دهشتگردي، شهيدن ۽ ۽ غازين جي بي حرمتي سيکاري، عمران خان ??نه??جي ڪڌي ناقابل معافي ڏوهن تي انهن والدين کان معافي وٺي جن جي ٻارن کي گمراهه ڪري آزمائش ۾ وڌو. اها ڳالهه هن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ٽوئيٽ تي ردعمل ۾ چئي. عمران خان ??نه??جي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي ڪراچي مان صوبائي اسيمبلي ميمبر ??هز??د اعواڻ بابت ??نه??جي ٽوئيٽ ۾ هڪ تصوير جو حوالو ڏنو ته پارٽي ڇڏڻ کان انڪار تي ملڪ ??هز??د اعواڻ جي قافلي کي باهه لڳائي وئي جنهن تي ردعمل جو اظهار ??ند?? اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها تصوير هڪ سال پراڻي نوشهره ۾ موجود آئل ڊيپو ۾ لڳندڙ باهه جي آهي. عمران خان 19 سالن کان ??اڻ??ن کي ڪوڙي، جعلي تصويرن ۽ مصنوعي بيانيي سان ذهن سازي ڪري بيوقوف بڻايو ۽ انهن کي ملڪ دشمني، دهشتگردي، شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي سيکاري. مريم اورنگزيب عمران خان کي مشورو ڏنو ته اهي ??نه??جي مجروح اناءَ جي تسڪين جي لاءِ آرام سان ٻن جهنڊن جي وچ ۾ ويهي رات جو ڪاميڊي شو هڻندو ڪري، ڪنهن رات شو ۾ ??نه??جي ڪڌي ۽ ناقابل معافي ڏوهن تي انهن والدين کان معافي به وٺي جن جي ٻارن کي گمراهه ڪري آزمائش ۾ وڌو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان انهن شهيدن ۽ غازين جي خاندانن کان معافي وٺي جن جي دل هن زخمي ڪيا آهن. هن چيو ته الله تعاليٰ ??نه??جي بندن جي حقن جي خلاف ورزي معافي نه ٿو فرمائي.