گووا – 05 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت کي ڳالهه ٻولهه لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو، ڪشمير بابت پا??ستان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي، ڀارت جي هڪطرفي قدم سان لاڳاپا متاثر ٿيا، ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير بابت آگسٽ 2019ع ۾ هڪطرفو قدم کنيو جنهن سان مشڪلاتون پيدا ٿيون، ان قدم سان ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي. ڀارت جي شهر گووا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي ا??) ج?? پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ضروري آهي ته آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي قدم کي ختم ڪيو وڃي، پا??ستان جو ڪشمير بابت موقف واضح ۽ ٺوس آهي، ڪشمير بابت پا??ستان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي. هن چيو ته اسان جو سدائين کان موقف رهيو آهي ته ڀارت سان معمول جا لاڳاپا هجڻ گهرجن، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير بابت ڀارت کي 4 آگسٽ 2019ع جي صورتحال تي واپس اچڻو پوندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي هن تنظيم جي مي??بر پرڏيهي وزيرن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. هن چيو ته پا??ستان ۽ ڀارت جي عوام امن چاهي ٿي، ڀارت کي ڳالهه ٻولهه لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي جي ڪري پا??ستان شديد متاثر ٿيو، ايس سي ا?? کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان پيپلزپارٽي سدائين ڀارت سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي وڪالت ڪئ?? پر ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ڀارتي هڪطرفي قدم ماحول کي نقصان پهچايو. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطفي قدم سان نه رڳو عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن پر ٻطرفن معاهدن جي پڻ خلاف ورزي ٿي آهي. هن چيو ته ڀارتي خلاف ورزي سان اعتماد جي کوٽ پيدا ٿي آهي ڇو ته ڀارت مستقبل ۾ به هڪطرفي طور تي ٻطرفن معاهدن جي خلاف ورزي ڪري سگهي ٿو. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جي 20 سربراهه اجلاس جي ميزباني جي ڀارتي فيصلي بابت سوال ت?? پرڏيهي وزير چيو ته اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ڀارت کي جلد خبر پوندي ته هو 110 سيڪڙو حاضري حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهندو ڇو ته ٻيا پنهنجي اخلاقيات تي ٺاهه نه ڪندا. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بنا ڪنهن فرق جي ڀارت?? پرڏيهي وزير جئه شنڪر سمورن پرڏيهي وزيرن جو اهڙي طرح استقبال ڪيو جيڪو سنڌ ۽ ملتان جي ا??داز سان ملندڙ جلندڙ آهي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته 2026ع ۾ پا??ستان سي ا??ف ايم جي سربراهي سنڀاليندو، اميد آهي ته ڀارت گڏيل سفارتي معاهدن جي بنياد تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته ڀارت ۽ پا??ستان ۾ اڪثر ماڻهو امن سان رهڻ ۽ ترقي ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اسان کي راندين کي سياست يا پرڏيهي پاليسي جو يرغمال بڻائڻ نه گهرجي. راندين جو مقصد اهو آهي ته توهان ان کي ا??ڙن مسئلن کان پري رکو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي ا??) ج?? پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي چيئر طور پنهنجون ذميواريون نڀائڻ تي ڀارتي هم منصب کي ساراهيو. هن پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ا??تظامي ۽ ثقافتي شو کي پڻ ساراهيو جنهن ۾ سمورن مي??بر ملڪن جي نمائندگي ڪئي وئي.