اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حادثن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن کان بچڻ جي لاءِ قانونن تي عملدرآمد کي لازمي قرار ڏنو آه??. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته توهان جو خيال ٿي سگهي ٿو ته ٽريفڪ حادثا ڪو اهم موضوع نه آهي پر جيڪڏهن اسان قانونن تي عمل نه ڪنداسين ته رستن تي موت جو شڪار ٿينداسين. صدر چيو ته سياست به ائين آه??، اسان جو آئين قاعدن جو مجموعو آه??. قانون ٽوڙيندڙن جي مفادن کي پور?? ڪرڻ لاءِ بهانا ڪرڻ بدران پنهنجو پاڻ کي آئين جو پابند بڻائڻ گهرجي.