اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان والاريل فلسطين جي اولهندي ڪناري جي علائقي ۾ بستين کي قا??ون?? حيثيت ڏيڻ جي اسرائيل جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان اولهندي ڪناري جي والاريل فلسطيني علائقي ۾ 9 بستين کي قا??ون?? حيثيت ڏيڻ جي اسرائيل جي تازي فيصلي جي شديد مذمت ڪري ٿو. اها عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قرا??دا??ن جي واضح خلاف ورزي آهي. اهو قد?? فلسطيني عوام جي حقن کي وڌيڪ پائمال ڪري ٿو. ترجمان چيو ته غيرقا??ون?? ۽ غيرمنصفاڻو اسرائيلي قد?? ڇڪتاڻ صورتحال کي وڌيڪ بگاڙيندو ۽ خطي ۾ امن جي امڪانن کي نقصا?? پهچائيندو. عالمي برادري کي اسرائيل کي اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪرڻيون پونديون جيڪي ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽون بڻيون. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام ۽ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت کي ورجائي ٿو ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو جنهن جو گادي وارو شهر اوڀر بيت المقدس هجي.