ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان جي حڪومت سيڙپڪارن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪارن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير سالڪ حسين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وفد ۾ ابوظهبي ڊيولپمينٽ هولڊنگ ڪمپني (اي ڊي ڪيو) جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد حسن السويدي ۽ انٽرنيشنل هولڊنگز ڪمپني (آءِ ايڇ سي) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد بصر شعيب ۽ ٻيا شامل هئا. وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ اسان جي حڪومت سيڙپڪارن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. ملاقات دوران وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? جي موقعن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفد کي خوراڪ ۽ زراعت، هوابازي، بجلي، متبادل توانائي بشمول شمسي توانائي، مالياتي خدمتن، صحت جي سارسنڀال، صنعت، لاجسٽڪس، ريئل اسٽيٽ جي شعبن ۾ پاڪستان ج?? جيو اڪنامڪ صلاحيتن تي بريفنگ ڏني وئي. محمد حسن السويدي اي ڊي ڪيو جي عالمي موجودگي کي وڌائڻ ۽ پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪار?? جي حوالي سان دلچسپي ظاهر ڪئي. اي ڊي ڪيو وچ اوڀر جي خط?? جي سڀ کان وڏي هولڊنگ ڪمپنين مان هڪ آهي جنهن وٽ ابوظهب?? جي نان آئل معيشت جي اهم شعبن جو احاطو ڪندڙ ڪاروباري ادارن جي متنوع پورٽ فوليو آهي.