اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين عوامي مفاد جي لاءِ ٻطرفي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف چين سان ويجهي لا??اپن کي فروغ ڏيڻ ۽ چين جي بنيادي مفادن جي اڻٿڪ حمايت کي ورجايو آهي جڏهن ته چيني وزيراعظم چيو آهي ته چين سدائين پاڪستان سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عوامي جمهوريه چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي ا??وا??ن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر موسم ۾ آزمايل اسٽريٽجڪ حصيداري جي بهترين روايتن کي نظر ۾ رک??دي گرمجوشي ۽ دوستي جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني وزيراعظم هڪ ٻئي کي نئين سال جي مبارڪباد ڏي??دي چيو ته 2022ع ۾ ٻطرفا لا??اپا نئين بلندين تي پهچي ويا هئا. ٻنهي ا??وا??ن 2023ع ۾ ٻطرفي تعاون جي مستحڪم رفتار کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. نومبر 2022ع ۾ پنهنجي چين جي دوري ۽ چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان وڏي پئماني تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏي??دي وزيراعظم چيو ته چين سان ويجهن لا??اپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پرعزم آهي ۽ پاڪستان چين جي بنيادي مفادن تي اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿو. ٻنهي ا??وا??ن گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ تي پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائي??دي چيني وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته پاڪستان چيني سيڙپڪارن جي لاءِ مڪمل طور تي محفوظ ۽ سازگار ڪاروباري ماحول فراهم ڪندو. وزيراعظم لي ڪي چيانگ وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته چين پاڪستان کي نه رڳو هڪ تزويراتي دوست پر هڪ اهڙي ملڪ طور ڏسي ٿو جنهن جو استحڪام ۽ معاشي ڀلائي خطي ۽ چين جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. چيني وزيراعظم چيو ته چين سدائين پڪاستان سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل رهندو. 9 جنوري تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ??و ذڪر ڪ??دي وزيراعظم چين جي وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ تازي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ چين جي فوري ۽ فراخدلاڻي مدد تي پاڪستان پاران دل سان ٿورا مڃيا. چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ وزيراعظم شهباز شريف کي چين پاران پاڪستان جي نئين سر تعمير جي ڪوششن ۽ ڪانفرنس ??ي ڪاميابي جي لاءِ مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو. ٻنهي ا??وا??ن 2023ع ۽ ان کانپوءِ پاڪستان ۽ چين جي عوام جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.