اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪي?? آهي ته ملڪي سلامتي تي ڪو ٺاهه نه ڪي?? ويندو، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي هوندي، دهشتگردي کي پوري رياستي قوت سان منهن ڏنو ويندو، ڌرتيءَ جي هڪ هڪ انچ تي رياست جي عملداريءَ برقرار رکي ويندي، ٻوڏ مت??ثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ سمورن وسيلن کي مت??رڪ ڪي?? ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو 40هون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، چيئرم??ن جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، ٽنهي سروسز جي چيفس ۽ انٽيلي جنس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. پڌرنامي موجب اجلاس قرار ڏنو ته ”قومي سلامتي“ جو تصور معاشي سلامتي جي چوڌاري گهمي ٿو ۽ اهو ته معاشي پاڻڀرائپ ۽ خودمختياري کانسواءِ قومي خودمختياري ۽ وقار تي دٻاءُ اچي ٿو. اجلاس ۾ جاري معاشي صورتحال جو جامع جائزو ورتو ويو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي عام ماڻهو خاص طور تي هيٺئين ۽ وچولي طبقن کي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ناڻي واري وزير اجلاس کي معاشي استحڪام جي لاءِ حڪومتي روڊ ميپ تي بريف ڪي?? جنهن ۾ عالمي مالياتي ادارن سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه، گڏيل مفاد تي ٻڌل ٻين اقتصادي ذريعن ڳولڻ سان گڏوگڏ عام ماڻهو کي ريليف جا جامع قدم شامل آهن. معيشت جي مضبوطي جي لاءِ ڪميٽي ٺوس قدمن تي اتفاق ڪي?? جن ۾ درآمدات ۾ توازن آڻڻ ۽ ڪرنسي جي ٻاهرئين ملڪ غيرقانوني منتقلي جو خاتمو آهي. زراعت جي پيداوار ۽ مينوفيڪچرنگ شعبي ۾ اضافي جي لاءِ خاص طور تي ڌيان ڏنو ويندو ته جيئن فوڊ سيڪيورٽي، درآمدات جي مت??ادل ۽ روزگار جي موقعن کي يقيني بڻائي سگهجي. عزم ظاهر ڪي?? ويو ته عوامي مفاد ۽ ڀلائي تي ٻڌل معاشي پاليسيون اولين ترجيح هونديون جنهن جي ثمرن مان عام ماڻهو فائدو کڻي. اتفاق ڪي?? ويو ته سمورين لاڳاپيل ڌر??ن جي مشاورت سان تيز رفتار معاشي بحالي ۽ روڊ ميپ تي اتفاق راءِ پيدا ڪي?? وڃي. 3 ڪروڙ 30 لک ٻوڏ مت??ثر??ن جي مشڪلاتن تي غور ڪندي اجلاس عزم ظاهر ڪي?? ته صوبائي حڪومتن ۽ گهڻ رخي مالياتي ادارن جي تعاون سان ٻوڏ مت??ثر??ن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. اجلاس وزيراعظم جي قيادت ۾ سمورين وفاقي ڌُرين سان گڏجي ٻوڏ مت??ثر??ن جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. ڪميٽي کي ملڪ خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال کان پڻ آگاهه ڪي?? ويو. وزيراعظم زور ڏنو ته نيشنل ايڪشن پلان ۽ قومي سيڪيورٽي پاليسي موجب وفاق ۽ صوبائي حڪومتون دهشتگردي جي خلاف جنگ جي قيادت ڪنديون جنهن ۾ عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقي کي مرڪزيت حاصل آهي. سازگار موزون محفوظ ماحول کي يقيني بڻائڻ ۾ هٿياربند فوج هڪ ٺوس ڊيٽرنس فراهم ڪندي. صوبائي ايپڪس ڪميٽيون بحال ڪي??ن پيون وڃن جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاص طور تي دهشتگردي جي خاتمي جي ادارن جي صلاحيتن ۽ سگهه کي گهربل معيار تي آندو ويندو. اجلاس قرار ڏنو ته ڪنهن به ملڪ کي پنهنجي سرزمين دهشتگردن جي پناهگاهه طور استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ پاڪستان پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي جي دفاع جو هر حق محفوظ رکي ٿو. قومي سلامتي ڪميٽي (اين ايس سي) پاڪستان ۾ دهشتگردي جي لاءِ ”زيرو ٽالرنس“ جي عزم کي ورجائيندي هر قسم جي دهشتگردي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جو وچن ورجايو. دهشتگردي کي پوري رياستي قوت سان منهن ڏنو ويندو. پاڪستان جي سلامتي تي ڪو ٺاهه نه ٿي ٿو سگهي ۽ پاڪستان جي سرزم??ن جي هڪ هڪ انچ تي رياستي عملداري کي يقيني بڻايو ويندو.