اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگز??ب چيو آهي ته 8 سال گذرڻ جي باوجود اڄ به اسان اي پي ايس س??نحي کي ناهيون وساري سگهيا، بزدل شرپسند عنصرن قوم جي مستقبل، معصوم ٻارن تي حملو ڪري انهن کي شهيد ڪيو، ان ڏينهن کي ياد ??ري ڪير به پنهنجي ڳوڙها روڪي نه ٿو سگهي. اي پي ايس س??نحي جي شهيدن جي اٺين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اي پي ايس س??نحي جي شهيدن پوري قوم کي دهشتگردي جي خلاف متحد ڪيو، 16 ڊسمبر جو ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي عظيم قربانين جي سدائين ياد ??ياريندو رهندو. هن چيو ته بحيثيت قوم اسان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ ڊگهو سفر ط??ي ڪيو، اسان پاڪستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي طرف گامزن آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.