اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ مضبوط معاشري ۽ صحتمند ملڪ جي تعمير لاءِ سمورن شهرين کي هڪ جهڙي بنا ڪنهن فرق جي معياري صحت جون خدمتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته پاڪستان ايڊز جي متاثرين جي لاءِ ??يسٽ ۽ علاج جي خدمتن جي فراهمي لاءِ ??نهنجي حمايت کي ورجائي ٿو. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن ايڊز جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اسان قومي ۽ صوبائي سطح تي ايڇ آءِ ??ي تي ردعمل کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڊيٽا تي ٻڌل حل جي حمايت، تحقيق ۽ علاج تائين پهچ کي وڌائڻ، معاشري جي ڪمزور طبقي کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ ايڇ آئي وي جي بيمارين ۽ ان جي متاثرين سان واڳيل بدنامي ۽ امتيازي سلوڪ جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کڻنداسين. هن چيو ته اسان يو اين ايڊز، غيرسرڪاري تنظيمن، نجي شعبي ۽ پنهنجي حصيدارن سان گڏجي ايڇ آئي وي ۽ ايڊز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??وان طريقا ڳولڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين. اها هڪ قابل علاج بيماري آه??، جيڪا ڪمزور ڪميونٽيز کي متاثر ڪري رهي آه??. صدر چيو ته اسان انهن ماڻهن جي لاءِ به دعاڳو آه??ون، جن ايڊز جي ڪري پنهنجون حياتيون وڃايون ۽ ڏکويل خاندانن جي ماڻهن سان پنهنجي يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪريون ٿا جن ان موذي بيماري جي ڪري پنهنجي پيارن کي وڃايو آه??. صدر عارف علوي ايڊز جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي حمايت کي ورجائيندي چيو ته ايڊز جي متاثرين کي اها خاطري ڪرايون ٿا ته اسان نئين انفيڪشن کي روڪڻ جي مقصد سان گڏ سمورين لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي هر سطح تي ڪم ڪندا رهنداسين، جيڪي ماڻهو ان ۾ مبتلا آه??، انهن جو علاج انهن کي بدنام ڪرڻ کانسواءِ احتياط ۽ جذبي سان ڪنداسين ته جيئن ملڪ مان ايڊز جو صفايو ??هڙ?? طرح ڪري سگهجي جيئن ٻين ڪيترن ئي ملڪ?? ۾ڪاميابي سان ڪيو ويو آه??. صدر سڀني لاڳاپيل ڌرين تي هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڏنو ته اهي ان بيماري کي مڪمل طور تي شڪست ڏيڻ جي لاءِ ??نهنجي عزم کي ورجائين ته جيئن عوام ۾ بيداري پيدا ڪرڻ ۽ ڪمزور طبقن کي مشاورت فراهم ڪئي وڃي ته جيئن بيماري کي مڪمل طور تي روڪي قيمتي جانين کي بچائڻ جي لاءِ شروعاتي مرحلي ۾ ان جي تشخيص ڪئي وڃي.