اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۽ تعلي??ي ادارن کي سماجي علم ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب نصاب تيار ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شاگردن کي سماجي علم ۽ مارڪيٽ جي گهرج موجب هنر سيکاريا وڃن. اڪيڊمي ڌرين جي تجربن مان فائدو کڻڻ ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بهترين عالمي طريقن کي اختيار ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڪيڊ??ي ادبيات پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ ۽ بورڊ آف گورنرز جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. صدر معاشري ۾ فن ۽ ادب جي فروغ لاءِ اڪيڊ??ي ادبيات جي ڪردار کي ساراهيو. هن اڪيڊ??ي ادبيات جي خدمتن ۽ مصنوعات جي پهچ وڌائڻ جي لاءِ ٺوس ۽ موثر مارڪيٽنگ حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ڊيجيٽلائيزيشن اڪيڊميات جي ادبي مصنوعات ۽ خدمتن کي ويب سائيٽ ۽ سيل فون ايپليڪيشن ذريعي ڦهلائڻ ۾ مدد ڏئي سگهجي ٿي. صدر پاڪستان جي مختلف علائقائي ??با??ن جي تحفظ جي لاءِ اڪيڊمي جي ڪوششن کي ساراهيو، جيڪي نظرانداز ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هر ??با?? مخصوص علم، حڪمت ۽ ورثي جو ذخيرو آهي، ??با??ن کي موجوده ۽ ايندڙ نسلن سان گڏوگڏ معاشري جي بهتري لاءِ محفوظ ڪر?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته اڪيڊمي لاڳاپيل ڌرين جي تجربن مان فائدو کڻڻ ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بهترين عالمي طريقن کي اختيار ڪري. هن اڪيڊمي کي هدايت ڪئي ته اها پنهنجي اهم هدفن کي حاصل ڪر?? جي لاءِ بجيٽ جو دانشمنداڻي طريقي سان استعمال کي يقيني بڻائي. اڪيڊ??ي ادبيات جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ اجلاس کي ٻڌايو ته اڪيدمي مقا??ي اديبن ۽ شاعرن ۽ مرحوم اديبن جي سوڳوار ۽ مالي مشڪلاتن جو شڪار خاندانن کي ماهوار اعزازيو ادا ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ان اسڪيم سان هڪ هزار خاندان (غيرمصفين/ فوت ٿيندڙ ليکڪ جا سوڳوار خاندان) فائدو کڻي رهيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اڪيڊمي ريسرچ اسڪالرز، شاعرن، اديبن ۽ ادب جي شاگردن کي ضروري حوالاجاتي مواد فراهم ڪر?? جي لاءِ هڪ لائبريري به قائم ڪئي آهي ۽ اڪيڊمي جي لائبريري م 30 هزار کان وڌيڪ ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن. اڪيڊمي هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو پاڪستاني ??با??ن، ادب جي فروغ ۽ ملڪ ۾ ل??کڪ برادري جي ڀلائي لاءِ سمورن حڪومتي نظامن کي نظم ۽ ضبط ۾ رکي ٿو. ان کانسواءِ اردو، انگريزي ۽ ٻين پاڪستاني ٻولين ۾ ادبي رسالا تيار ڪري ٿو ۽ مختلف ادبي ايوارڊن جي لاءِ نالن جي سفارش ڪري ٿو.