اسلام آباد – 28 – آڪٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي ح??ومت پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي اضافي 30 ملين ڊالر جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته دنيا کي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ الميي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي امداد جي اپيل ۾ حصو وجهڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وڌيڪ 30 ملين ڊالر جي انساني امداد جي اعلان تي آمريڪي ح??ومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته سرديءَ جي موسم شروع ٿيڻ سان ئي خو??اڪ، صحت ۽ رهائش جا چئلينج درپيش آهن. ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ الميي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ دنيا کي فوري طور تي گڏيل قومن جي امداد جي اپيل ۾ حصو وجهڻ گهرجي.