اس??ام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سمُورا قيمتي غير??لڪ?? تحفا ذاتي استعمال ۾ آڻڻ بدران توشه خانه ۾ جمع ڪرائڻ جي منفرد روايت ۽ مثال قائم ڪندي هدايت ڪئي آهي ته اهي تحفا مستقل طور تي وزيراعظم هائوس ۾ ر??يا وڃن ته جيئن عوام دوست ??لڪ?? جي پاڪستان سان محبت کان آگاهه ٿئي، ان مقصد جي لاءِ وزيراعظم هائوس ?? جڳهه رکي وڃي. سرڪاري ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ منفرد مثال ۽ وزيراعظم هائوس ۾ هڪ نئين روايت قائم ڪئي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته وزيراعظم کي ??لن??ڙ غير??لڪ?? تحفا مستقل طور تي وزيراعظم هائوس ۾ ر??يا وڃن. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته غير??لڪ?? تحفا عوام کي ڏيکارڻ جو اهتمام ڪيو وڃي ته جيئن عوام دوست ??لڪ?? جي پاڪستان سان محبت کان آگاهه ٿئي. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي وزيراعظم هائوس ?? جڳهه رکي وئي آهي. سرڪاري ذريعن موجب وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ کان ??لن??ڙ تحفا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. توشه خانه ۾ جمع ڪرايل تحفن جي ماليت 27 ڪروڙ رپيا آهي. وزيراعظم کي اهي قيمتي تحفا نار ??لڪ?? جي دورن دوران مليا هئا. تحفن ۾ هيرن سان ٺهيل ٻه قيمتي گهڙيون به شامل آهن. هڪ گهڙيءَ جي ماليت 10 ڪروڙ ۽ ٻي جي قيمت 17 ڪروڙ ٻڌائي وئي آهي. سرڪاري ذريعن موجب نار رياستن پاران وزيراعظم شهباز شريف کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهانگا تحفا ڏنا ويا جڏهن ته وزيراعظم گهڙيون، قيمتي قلم، مُنڊي، ڪف لنڪ (بٽڻ) ۽ خوشبو سميت سمورا وڏي قيمت وارا تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ذريعن موجب شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور پنهنجي 10 سالا دور ۾ ??لن??ڙ سمورا غير??لڪ?? تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرائيندو رهيو آهي.