گلگت- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته جنهن پيڪيج جو اعلان پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائ??ن جي ماڻهن لاءِ ڪيو ويو انهي پيڪيج تي گلگت بلتستان ۾ به عمل ٿيندو ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سروي سڀ کان پهرين گلگت بلتستان کان شروع ٿيندو. گلگت ۾ م??ڊي?? جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪي اسان جون ڀينرون ۽ ڀائر ٻوڏ سبب هن دنيا مان هليا ويا انهن لاءِ وفاقي حڪومت طرفان پرائم منسٽر پيڪيج ت?تان/136027.html">?ت 10 لک روپين جو اعلان ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح زخمين لاءِ به پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ٻيو مرحلو ٻوڏ متاثرن کي ??يسڪيو ڪرڻ آهي، ان مد ۾ پي ڊي ايم اي کي ??روري سامان ڏئي ڇڏيو آهي، متاثرن کي ??ارضي رهائشگاهن يا مسواڙي گهرن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي يا ڪيو ويندو، هن چيو ته ٽيون مرحلو متاثرن جي بحالي جو آهي، ان مرحلي ۾ متاثر علائ??ن جو تفصيلي سروي ٿيندو، ملڪ جي ٻين حصن ۾ هن وقت پاڻي بيٺل آهي، اتي هن وقت سروي ممڪن نه آهي ان لاءِ سروي پهرين گلگت بلتستان کان شروع ٿيندو ۽ ان کي ??لد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم گلگت بلتستان جي ٻوڏ متاثر علائ??ن جو دورو ڪندو.