اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو ??هي ته پوليو کان پاڪ پاڪستان اسان جو قومي مقصد آهي، بدقسمتي سان پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل ??هي جتي پوليو جا مريض اڃا تائين موجود آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي پوليو جي خاتمي لاءِ گڏيل مشن طور قدم کڻڻ گهرجن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته والدين ک?? اپيل ??هي ته اهي پوليو ٽيمن سا?? تعاون ڪن، پوليو کان پاڪ پاڪستان اسان جو قومي مقصد آهي، ٻوڏ جي ڪري ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن تائين پهچ ڪٽجي وئي ??هي ان لاءِ پوليو جي خلاف مهم هڪ چئلينج بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته پوليو جي خالف مهم ۾ ڪنهن به قسم جي سستي نه ٿيڻ گهرجي، اسان عالمي حصيدارن خاص طور تي بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي تعاون جا ٿورائتا آهيون.