پشاور – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ سٽيل ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو جتي هو ٻارن سميت ٻوڏ متاثرين سان مليو ۽ انهن کي حڪومت پاران هر م??ڪن تع??ون جي خاطري ڪرائي. ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي وزيراعظم نوشهره ضلعي جي ٻوڏ متاثر ماڻهن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته حڪومت انهن جي بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ هر م??ڪن ڪوشش ڪندي. شهباز شريف چيو ته حڪومت آخري ٻوڏ متاثر جي بحالي ۽ آبادڪاري تائين پ??هنجون ڪوششون جاري رکندي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي ۽ ٻيا قومي تعميراتي ادارا ٻوڏ متاثرين تائين پ??چڻ ۽ انهن کي هنگامي بنيادن تي ضروري امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تع??ون سان ڪم ڪري رهيا آهن، ٻوڏ سبب تباهه ٿيندڙ رستن جي نئين سر تعمير ڪئي ويندي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ملڪ ٻوڏ جي موجوده صورتحال مان ڪاميابي سان نڪري ايندو ۽ متاثرين پ??هنجي معمول واري زندگي طرف واپس ويندا. وزيراعظم ڪئمپ جي اندر ٻوڏ متاثرين جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن کي هر م??ڪن تع??ون جي خاطري ڪرائي. شهباز شريف متاثرين کي چيو ته هو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ مستقبل جي آفتن کان اسان جي عوام جي حفاظت جي لاءِ دعا ڪن. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارن سان پ??ار جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ ايم پي اي اختيار اردلي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.