اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم ش??باز شريف افغانستان ۾ زلزلي سبب قيمتي جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم چيو ته مشڪل جي ان گهڙي ۾ پنهنجي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهيون، زلزلي سبب پڪتيڪا جي علائقي ۾ فوتگين تي دلي افسوس آهي، هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي عوام کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو. ان سل??لي ۾ لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون جا??ي ڪيون ويون آهن، وزيراعظم ش??باز شريف زلزلي ۾ فوت ٿيندڙن لاءِ مغفرت ۽ سندس پوئينرن لاءِ صبر ۽ جم??ل جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو.