اسلام آباد – 28 – مئي (اي ??ي ??ي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ??ه پاڪستان جي ج??هري پروگرام جي معمار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، 28 مئي 1998ع تي بلوچستان، چاغي ج?? جبلن ۾ بلند ٿيندڙ تڪبير جي نعري ج?? گونج اڄ به جاري آهي، اهو پاڪستان جي پنه??جي آزادي، خودمختياري ۽ دفاع تي ٺاهه نه ڪرڻ جو واضح اظهار جو تاريخي ڏينهن آهي، اڄوڪو ڏين??ن پاڪستان جي اتحاد، يڪجهتي ۽ هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، اهو ئي اتحاد پاڪستان جي اصل قوت آهي، ان وچن کي ورجايون ٿا ??ه پاڪستان جي دفاع، سلامتي ۽ قومي مفادن لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪنداسين. پاڪستان جي جوهري ڌماڪن جي سلور جوبلي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ته 28 مئي 1998ع تي بلوچستان چاغي ج?? جبلن ۾ بلند ٿيندڙ تڪبير جي نعري ج?? گونج اڄ به جاري آهي. پاڪستان جي دفاع جو اهو تمغو بلوچستان جي ڌرتي ج?? سيني تي سجايل آهي، اهو پاڪستان جي پنه??جي آزادي، خودمختياري ۽ دفاع تي ٺاهه نه ڪرڻ جي واضح اظهار جو تاريخي ڏينهن آهي، وزيراعظم چيو ??ه پاڪستان جي ج??هري پروگرام جي معمار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، پاڪستان جو فخر بلند ڪندڙ عظيم محب وطن وزيراعظم نواز شريف کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، قائد محمد نواز شريف هر لالچ، هر دٻاءُ رد ڪندي پاڪستان کي دنيا جي ستين ۽ اسلامي دنيا جي پهرين ايٽمي قوت بڻايو. ذوالفقار علي ڀٽو کان وزيراعظم نواز شريف تائين سڀني حڪومتن ۽ جوهري پروگرامن بابت سڀني ذميدارن کي قوم سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان جا سياستدان، انجنيئر ۽ جوهري پروگرام کي پروان چاڙهيندڙ هر ماڻهو تحسين جي لائق آهي. اهي قوم جا هيروز آهن، اسان جي هٿياربند فوج جوهري پروگرام لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن اهي تاريخ جو سنهري باب آ??ن پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميشن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ان قومي اداري قومي سلامتي ۽ دفاع لاءِ ناقابل فراموش ڪردار ادا ڪيو آهي. اڄ اسان محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير سان کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن??ن پنه??جي سڄي عمر پاڪستان جي دفاع تي لُٽائي ڇڏي، اسان پنه??جي انهن سڀني محسنن کي نٿا وساري سگهون جن قوم جي مفاد لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن. اسان سعودي عرب سميت سڀني پنه??جي ڀائر ۽ عظيم دوست ملڪن جو ٿوروا دا ڪريون ٿا جن معاشي پابندين ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، اڄوڪو ڏين??ن پاڪستان جي اتحاد، يڪجهتي ۽ هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، اهو اتحاد پاڪستان جي اصل قوت آهي، قوم جي اتحاد محنت ۽ يقين ڪامل سان هاڻي پاڪستان کي معاشي قوت بڻائڻو آهي، اسان کي قوم جي حيثيت سان اڄ معاشي خودمختياري ۽ پاڻ ڀاڙڻ جي لاءِ يوم يڪبير واري جذبي کان اڳتي وڌڻو پوندو. اڄ تجديد جي ڏهاڙي ج?? عهد جو ڏينهن آهي ??ه پاڪستان جي دفاع، سلامتي ۽ قومي مفادن لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. يوم تڪبير تي 10 ڏينهن واري تقريبن کي قوم جي اتحاد ۽ پاڪستان جي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي ج?? عزم سان ملهايو ويندو.