اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين ٽرسٽ فن?? قائم ڪر?? جو مقصد افغان عوام جي لاءِ عالمي انساني امداد جي ماپي کي وڌائڻ جي لاءِ اسان جي اجتماعي ڪوشش آهي، انساني بحران جي تناظر ۾ افغان عوام کي اسان جي فوري توجهه جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزارت ۾ افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين ٽرسٽ فن?? لاءِ چارٽر تي صحيح جي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي اهتمام هيٺ هيومينيٽيرين ٽرسٽ فن?? قائم ڪر?? جو فيصلو ڪيو ويو. بئنڪ کي درخواست ڪئي وئي هئي ته هو 2022ع جي پهرين ٽه ماهي تائين فن?? کي فعال ڪري ڇڏي، هن چيو ته بئنڪ پنهنجي مين??يٽ کي موثر طريقي سان مقرري مدي ۾ اندر پورو ڪيو آهي، ٽرسٽ فن?? جو چارٽر ڪافي لچڪدار آهي، جنهن سان او آءِ سي سسٽم جي ٻاهران عطئي جي اجازت ملندي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته اهو هڪ واکا?? جوڳو عمل آهي اهڙي طرح عالمي عطيو ڏيندڙن جي دائري کي وڌائڻ ۾ مدد ڪندي. هن جو چوڻ هو ته ٽرسٽ فن?? جو مقصد افغانستان کي انساني امداد پهچائڻ لاءِ هڪ ميڪينزم جي طور تي ڪم ڪرڻ آهي، ان سلسلي ۾ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جو ڪردار اهم هوندو.اميد آهي ته او آءِ سي جا ميمبر ملڪ، اسلامي مالياتي ادارا، عطيا ڏيندڙ ۽ ٻيا عالمي حصيدار ان ٽرسٽ فن?? ۾ پنهنجي عطين جي ذريعي شموليت ڪندا. پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي چيئرمين جي طور تي آئون شرڪت ڪندڙن کي فن?? ۾ حصو وجهڻ جي درخواست ڪندس. پرڏيهي وزير چيو ته اهو خصوصي ٽرسٽ فن?? افغان عوام جي لاءِ عالمي انساني امداد جي ماپي کي وڌائڻ لاءِ اسان جي اجتماعي ڪوشش آهي، اسان سڀني کي انهن قدمن کي ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي.