فيصل آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گوجرانوالا ڊويزن سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ج?? ميمبرن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبل?? ميمبر سيد فيض الحسن شاهه، حاجي امتياز احمد چوڌري، چوڌري شوڪت علي ڀٽي ۽ وجيهه اڪرم شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي اسيمبل?? ميمبرن سليم سرور جوڙا، ميان محمد اختر حيات، چوڌر?? لياقت علي، محمد ارشد چوڌري، محمد اخلاق، محمد طارق تارڙ، گلريز افضل گوندل ۽ محمد احمد چٽه به شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ لاڳاپيل تڪن جي سياسي م??ام??ن ۽ ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سمورن چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا مهم تيز ڪن ۽ عوام جي مسئلن جي جلد کان جلد حل لاءِ ضلعي ان??ظا??يه سان گڏجي ڪم ڪن، وزيراعظم کين ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پارٽي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.