اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ بگر پڪچر ڪنسلٽنگ جي وچ ۾ ”ٽيپو سلطان: ننڍي کنڊ جي مشهور آزادي پسند جنگجو“ تي ??اريخي سيريل تيار ڪرڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي ??حيحون ٿي ويون، يادداشت تي ??حيحن جي تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽي وي جو ايم ڊي ۽ بگر پڪچر ڪنسلٽنگ جا نمائندا به موجو?? هئا. بگر پڪچر ڪنسلٽنگ ٽيپو سلطان جي دور ۽ زندگي تي ڊراما سيريل تيار ڪندي، 6 سيزن (78 قسطن) تي ٻڌل ان سيريل جي شروعاتي ??يزن ??ڪ سال ۾ جاري ڪئي ويندي، مفاهمت جي يادداشت ٻن سالن جي لاءِ ٿيندي، جڏهن ته پروڊڪشن لاءِ متوقع ڏنل ٽائيم لائين ??ڪ سال هوندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت مسلمانن جي عظيم ۽ تاريخي شخصيت ٽيپو سلطان تي ??يريز جي تياري، مارڪيٽنگ ۽ سرڪاري ٽي وي (پي ٽي وي) تي ??راڊ ڪاسٽ ۾ تعاون ڪندي، بگر پڪچر ڪنسلٽنگ ڄاڻايل پروڊڪشن جي تياري ۾ سموري لاڳت برداشت ڪندي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ڄاڻايل سيريل جو وقت به وقت ٽيڪنيڪي جائزي وٺڻ ??ان گڏ وگڏ سيريل جي تياري کان پهرين اسڪرپٽ جو به جائزو وٺندي.