اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سينيٽ چيئرمين جي گهر ??يو ۽ سينيٽر چيئرمين صادق سنجراڻي سان سندس ننڍي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، ناڻي وارو پارلياماني سيڪريٽري مخدوم زاده زين قريشي ب?? پرڏيهي وزير سان گڏ هو، پرڏيهي وزير مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ ب??ند درجن لاءِ دعا ڪئي.