ا??لا?? آباد – 13 جنوري (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ واپار وڌائڻ لاءِ فعال قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڪوريا سان پنهن??ي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، معاشي ۽ عوامي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ ڪوريا ??ي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير نبيل منير سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپو وڌائڻ لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي، ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي ڪري پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ پُرڪشش مقام آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نامزد سفير ڪورين سيڙپڪارن کي خصوصي اقتصادي زونز ۽ سي پ??ڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ متوجهه ڪري، ڪوريا ۽ پاڪستان ۾ مذهبي سياحت جي فروغ جا وسيع امڪان موجود آهن. صدر چيو ته ڪوريا جي سياحن کي پاڪستان ۾ ٻڌمت جي تاريخي مذهبي ماڳن جو دورو ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻي پ??ندي، هن ڪوريا جي ايگزم بئنڪ پاران ا??لا?? آباد ۾ آءِ ٽي پارڪ لاءِ 88 ملين ڊالر ڏيڻ ۽ ڪراچي ۾ سام سنگ جي موبائيل فونز مينوفيڪچرنگ يونٽ شروع ڪرڻ کي به ساراهيو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني دوستي گروپ جي مٽاسٽا جي ضرورت تي به زور ڏنو، ان کانپوءِ الجزائر ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر محمد طارق به صدر سان ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ الجزائر جي وچ ۾ گڏيل مذهب ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا آهن، آءِ ٽي جي شعبي ۾ ا??جزائر سان لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته نامزد سفير الجزائر سان پارلياماني ۽ ايوان صنعت ۽ واپار جي وفدن جي مٽاسٽا جي فروغ لاءِ ڪم ڪري. صدر ان موقعي تي پاڪستان ۽ الجزائر جي وچ ۾ گڏيل ڪاروباري ڪائونسل قائم ڪرڻ جي تجويز به ڏني.