اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون، سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سموريون رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، صنعتي ت??قي کانسواءِ ملڪ ت??قي نٿو ڪري سگهي، ملڪ ۾ زرعي شعبي جي ت??قي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنا بزنس انويسٽمينٽ فورم جي آغاز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن، پاڪ??تا?? ۾ ??ين جي سفير نونگ رونگ ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪ چائنا بزنس انويسٽمينٽ فورم شروع ڪرڻ بابت د??تا??يزن جي به مٽاسٽا ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته تقريب ۾ شرڪت تي سڀني کي ڀليڪار چوان ٿو، پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ ڪاروباري برادري جون تجويزون گهربل آهن، ان فورم جي قيام سان حڪومت کي واپار ۽ ڪاروبار بابت مسئلن کي ڄاڻڻ ۽ حل ڪرڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته ??ين جي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاهدن تي عملدرآمد ۾ تيزي آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سيڙپڪاري لاءِ وقت گهڻو اهم هوندو آهي، ڪوشش آهي ته سيڙپڪاري ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. روانگي واپار وڌائڻ کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، ملڪي ت??قي صنعتي ت??قي سان جڙيل آهي. روانگي واپار کي فروغ ۽ صنعتن کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ ملڪ ت??قي نٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي انقلاب مان فائدو کڻڻو آهي. گذريل سال آءِ ٽي جي شعبي ۾ مراعتون ڏنيون ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جو روانگي واپار ٻيڻو ٿي ويو. ??ين ٽيڪنالاجي جي ڪري ت??قي ڪئي. ??ين ۽ ترڪي جهڙن ملڪن روانگي واپار جي فروغ کي ترجيح ڏني. ان سان انهن ملڪن ت??قي ڪئي ۽ انهن جو زندگي جو معيار بلند ٿيو. وزيراعظم چيو ته ??ين سان اسان جي دوستي 70 سالن تي ٻڌل آهي، ??ين هر مشڪل گهڙي ۾ پاڪ??تا?? جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪ??تا??ي معيشت ڪورونا کانپوءِ گهڻو تيزي سان بحال ٿي. اين سي او سي جي ٽيم ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. ڪورونا وائرس جي وبا سان اسان جي پاڙيسري ملڪن ايران ۽ ڀارت جي معيشت بري طرح متاثر ٿي. عالمي ادارا به اعتراف ڪري رهيا آهن ته پاڪ??تا?? ڪورونا وائرس جي وبا دوران معيشت ۽ زندگين کي محفوظ بڻايو. هن چيو ته صنعت ۽ روانگي واپار جو فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي. درآمدي بل ۾ گهٽتاڻي آڻڻي آهي ۽ مني لانڊرنگ کي روڪڻو آهي ڇو ته مني لانڊرنگ غريب ملڪن جو مسئلو آهي ۽ ان جي ذريعي هر سال هڪ هزار ارب ڊالر غريب ملڪن کان امير ملڪن ڏانهن منتقل ٿيندا آهن. هن چيو ته سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ ڪاروباري سطح تي لاڳاپن ۽ زرعي شعبي تي ڌيان ڏنو ويندو. اسان زرعي شعبي ۾ پراڻا طريقا استعمال ڪري رهيا هئاسين، اسان کي جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته شهرن جي پکڙجڻ جي ڪري فوڊ سيڪيورٽي، آلودگي، بجلي، پاڻي سميت ٻيا مسئلا پيدا ٿيندا آهن. اسان جا شهر تيزي سان پکِڙي رهيا آهن، گرين ايرياز ختم ٿي رهيا آهن،. اسلام آباد ۽ لاهور جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي، ??ين جي شهري ت??قي تعريف جوڳي آهي، اسان کي ان مان مستفيد ٿيڻ جي ضرورت آهي، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ??ين جي سفير نونگ رونگ چيو ته ان فورم جي قيام تي سڀني کي مبارڪباد ڏيان ٿو. سي پيڪ پاڪ??تا?? جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. سي پيڪ تحت توانائي، روڊ انفراسٽرڪچر سميت ٻين منصوبن تي ڪم جاري آهي. سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ صنعت، زراعت ۽ سماجي معاشي تعاون کي به شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل سال پاڪ??تا?? ۽ ??ين جي وچ ۾ واپار جي ماپي ۾ اضافو ٿيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي 75 سال ٿي ويا آهن. ان فورم جي قيام سان ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪارن کي پاڻ ۾ رابطي جو موقعو ملندو. ان کان اڳ سي پيڪ منصوبن بابت د??تا??يزي فلم به ڏيکاري وئي.