اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي ??ي پي) نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (اين سي اي) جو 25 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو. پرڏيهي معاملن، دفاع، ناڻي ۽ گهرو معاملن وارن وزيرن، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين، آرمي، نيوي، ايئرفورس جي سربراهن، ڊي جي آءِ ايس آءِ سميت اين سي اي جي سمورن ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اين سي اي ??اڪستان جي اسٽر??ٽج?? اثاثن جي ٺوس سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم سان گڏوگڏ حفاظتي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. اين سي اي ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان هڪ ذميوار ائٽمي رياست طور تي ??ئٽمي سلامتي ۽ ائٽمي عدم ڦهل??ءُ جي قدمن کي بهتر بڻائڻ جي عالمي ڪوششن ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪندو رهندو. اين سي اي کي خطي ۾ تڪرارن جي موجوده صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اين سي اي روايتي ۽ اسٽر??ٽج?? شعبن ۾ وڏي پئماني تي هٿيارن جي عدم توازن تي ڳڻتي ??و اظهار ڪيو ۽ چيو ته اين سي اي ان اڳڀرائي کي امن ۽ سلامتي ??ي لاءِ نقصانڪار سمجهي ٿي ۽ ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته پاڪستان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ داخل ٿيڻ کانسواءِ خطي ۾ اسٽر??ٽج?? استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻندو. اين سي اي گهٽ کان گهٽ ڊيٽرنس جي پاليسي موجب فل اسپيڪٽرم ڊيٽرنس کي برقرار رکڻ جو ورج??ءُ ڪيو ۽ اسٽر??ٽج?? صلاحيتن جي اڳڀرائي تي ??طمينان جو اظهار ڪيو. اين سي اي تربيت جي اعليٰ معيار ۽ اسٽر??ٽج?? فورسز جي آپريشنل تيارين کي ساراهيو ۽ سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي ساراهيو جن جي مسلسل ڪوششن پاڪستان کي گهربل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب بڻايو آهي.