اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي اسلامي جمهوري پاڪستان جي ”آزادي جي ڏهاڙي“ تي ملڪ اندر ۽ ٻاهر رهندڙ سمورن پاڪستانين کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏنيون آهن، هن قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ پوري قوم 14 آگسٽ تي آزادي جو ڏهاڙو نئين جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي، اسان کي يقين رکڻ گهرجي ت?? اسان جو آزادي جو ڏهاڙو ايندڙ ڏينهن ۾ ا??ان جي لاءِ سياسي، اقتصادي ۽ سماجي استحڪام جي خوشبري کڻي ايندو. هن چيو ته پوري قوم ڄاڻي ٿي ته گذريل ڪجهه سالن ۾ سڄي دنيا کي ڪورونا وائرس جهڙي خطرناڪ عالمي وبا گهيري رکيو آهي جنهن جي ڪري سمورن ملڪن جي معيشت، اقتصاديات، تعليم، صحت سميت سمورا شعبا بري طرح متاثر ٿيا آهن، هن چيو ته ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ احتياط سميت حفاظتي قدم ضروري آهن. موجود?? حڪومت ان موذي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪا حڪمت عملي اختيار ??ئي آهي اها واکاڻ جوڳي آهي.