اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جڏهن تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کي هندستان کان فنڊ ئي نه ملندا ته انهن جي چيلهه پاڻهي ٽٽي ويندي، اسان ??فغ??نستان ?? هڪ اهڙي حڪومت چاهيون ٿا جنهن تي ??فغ??نستان ?? سمورن گروپن جو اتفاق هجي، ??فغ??نستان جي اندر فيصلي سازي جو اختيار ??فغ??ن عوام جو حق آهي. اها ڳالهه هن ٽي آر ٽي ورلڊ سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ??فغ??نستان جي معامل?? تي چين، ترڪي، آمريڪا، ب??طانيه سميت سمورن علائقائي ملڪن سان رابطي ۾ آهيون، خطي جا ملڪ ??فغ??نستان ?? امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته اسان هڪ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ??فغ??نستان کي استحڪام طرف وٺي وڃي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان مثبت صورتحال جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان طالبان ?? آمريڪا کي ڳالهين تي راضي ڪيو، ڪابل جي حڪومت سان به طالبان جون ڳالهيون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتي سان اشرف غني جو رويو درست نه هو. هن چيو ته اسان جو طالبان تي ڪنٽرول نه آهي ۽ نه ئي اسان وٽ ??البان جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ جو ڪو اختيار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??فغ??ن طالبان جي ترجمان پاران اهو بيان ته ??فغ??نستان جي سرزمين ڪنهن ٻي ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، خوش آئنده آهي. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته ڀارت ??فغ??نستان ?? ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن کي پاڪستان ?? دهشتگردي لاءِ فنڊنگ ڪري رهيو هو، ان جو هاڻي خاتمو ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته افعانستان جي حوالي سان اسان جو بنيادي شرط آهي ته ??فغ??نستان جي سرزمين ڪنهن به ٻي ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ ڪنهن به قيمت تي ??فغ??نستان کي عالمي دهشتگرد تنظيمن جو مرڪز نه بڻجڻ ڏنو ويندو.