ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته ڪراچي جي عوام پي ٽي آءِ کي مثالي مينڊيٽ ڏن?? آهي، وزيراعظم عمران خان ڪراچي بابت تمام گهڻي دلچسپي رکي ٿو، ڀنڊار ٻيٽ سنڌ ۽ ڪراچي جي عوام لاءِ آهن، ان سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ معيشت تر??ي ڪندي، چاهيون ٿا ته سينيٽ اليڪشن شفاف ٿين ۽ ماضي وانگر ان ۾ و??ٽن جي خريد ۽ وڪرو نه ٿئي. صحافين سان ??ال??ائيندي وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ايم سان ڪجهه اچي نه وڃي، اهي رڳو ذاتي مفاد جي لاءِ ڊرامو ڪري رهيا آهن، انهن جو رخ مختلف آهي ان لاءِ انهن جي منزل هڪ نه ٿي ٿي سگهي، پي ڊي ايم کي عوام جي پذيرائي نه ملي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي نه ته ڪا انڊسٽري آهي نه ئي ڪاروبار، ڪراچي جي عوام ماضي جي پارٽين کان تنگ اچي پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي لاءِ تر??ياتي پئڪيج جو اعلان ڪي?? جڏهن ته صوبائي حڪومت ان ۾ رنڊڪون وجهي رهي آهي.