اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته پاڪستان سڀني دوست ملڪن سان واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جو خ??اه??مند آهي، پرڏيهي سيڙپڪارن کي ملڪ جي سيڙپڪار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ جيِ ضرورت آهي، عالمي برادري ڀارت کي عالمي قانونن جون خلاف ورزيون روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ملڪن جي سفيرن سان مل??قات دوران ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ڪوريا، نيپال، بيلاروس جي رهواسي ۽ آئيرلينڊ، ڪوسوو، مالي ۽ سيراليون جي غير رهائشي نامزد سفيرن سندون پيش ڪيون، سفيرن صدر سان ڌار ڌار مل??قاتون ڪيون ان موقعي تي صدر سفيرن کي مبارڪباد ڏني.