اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم جيڪڏهن اڳ وانگر ڪورونا کان بچاءُ جي ضابطن تي عمل ڪيو ته ماڻهن سان گڏوگڏ پنهنجي ڪاروبار ۽ معي??ت کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيند??سي??، جيڪڏهن ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي سگهي ٿي، گلگت بلتستان ۾ چونڊن کانپوءِ ڪورونا تيزي سان پکڙيو آهي، ڪورونا وبا جي ڏس ۾ اسان پنهنجو جلسو ملتوي ڪري رهيا آهيون ۽ سڄي ملڪ ۾ جلسن جلوسن تي پابندي هوندي، فيڪٽرين، دڪانن ۽ ڪاروباري مرڪزن ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، اسڪولن ۾ ڪورونا جي صورتحال جو وڌيڪ ج??ئزو وٺي ايند?? هفتي فيصل?? ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا بابت رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو.