اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان جي عوام ذاتي ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻاهر نه نڪرندي، ??دارن تي ڳالهائي پاڪستان کي تمام وڏو نقصان پهچائڻ جي راند کيڏي پئي وڃي، ??شمنن جي زبان استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، پوري طرح ادارن سان گڏ بيٺل آهيو?? ۽ ??ا به اهڙي ڳالهه برداشت نه ڪئي وي??دي جيڪا ملڪ ۽ انهن ماڻهن کي جيڪي هن ملڪ جي لاءِ بيٺا آهن انهن کي نقصان پهچائي سگهي، ڪالهه انهن جو پهريون شو ئي فلاپ ث??بت ٿيو، انهن جو ڪو مستقبل نه آهي هڪ مهيني جي تيارين جو انجام فلاپ شو جي شڪل ۾ نڪتو. ڪنوينشن سينٽر ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته گوجرانوالا جيڪو نواز شريف جو سسرال ۽ مريم نواز جو ناناڻو آهي، ??ن مخالف ڌر جي جلسي جي حوالي سان جنهن سردمهري جو مظاهرو ڪيو آهي ان مان مخالف ڌر کي سمجهڻ گهرجي ته ذاتي ايجنڊا جي تحفظ جي لاءِ ڪير ٻاهر نه نڪرندو.