اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪشميري هڪ آهن ۽ ڪڏ??ن جدا نه ٿيندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون، اسان جا احساس گڏيل آهن ۽ اسان گڏجي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته دنيا واضح طور تي ڏس?? سگهي ٿي ته غير قانوني والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي جارحيت مودي حڪومت هندوتوا جي ناڪامي جي عڪاسي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ٽوئيٽ جي آخر ۾ چيو ته انشاءُ الله ڪشمير ضرور آزاد ٿيندو. هن پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ هڪ ٽوئيٽ کي ٽيگ ڪيو ج??هن ۾ پاڪستان جي يو?? دفاع جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ باني پاڪستا?? قائداعظم محمد علي جناح رح جي تصوير سان سندس فرمان ڇاپيو ويو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي.