اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ ۽ اڏاوتن جي شعبي بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس دوران پنجاب ۽ خيبرپختونخوا??ه حڪومت پاران تعميراتي ۽ ترقياتي سرگرمين جي لاءِ سرڪاري اجازتنامن ۽ اين او سيز جاري ڪرڻ جي لاءِ آن لائن پليٽ فارم فراهم ڪ??ڻ جي لاءِ قائم ڪيل ويب پورٽل جي ڪم، خاصيتن ۽ ان جي موثر هجڻ بابت معاملن جو عملي طور تي جائزو ورتو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب هن ويب پورٽل قائم ڪ??ڻ جو مقصد بلڊرز کي ڊيجيٽل خدمتن جي فراهمي، گهٽ کان گهٽ انساني مداخلت ۽ مقرر مدي جي اندر تيزي سان درخواستن کي اڪلائڻ کي يقيني بڻائڻ آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ويب پورٽل درخواستن کي هڪ ئ?? وقت اڪلائڻ جي لاءِ سمورين آفيسن سان هڪ ئ?? وقت واڳيل آهي. چيف سيڪريٽري کي سڌوسنئون ڊيش بورڊ جي سهولت حاصل آهي ته جيئن هو درخواستن تي جاري عمل جي نگراني ڪري سگهي ۽ ڪنهن به قسم جي دير جو نوٽيس وٺي سگهي.