اسلام آباد – 03 ??ول??ءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي اندرئين ۽ ٻاهرين سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، چيئرمين جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، چي?? آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چي?? آف نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي، چي?? آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارش?? مجاهد انور خان ۽ ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ملڪ جي اندرئين ۽ ٻاهرين سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان جي خودمختياري جو هر قيمت ??ي تحفظ ڪيو ويندو.