ڪراچي – 21 اپريل (اي پي پي) پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي پارليماني اڳواڻ حليم عادل شيخ چ??و آهي ته سنڌ ۾ 20 اپريل تائين 15 لک 73 هزار 149 ماڻهن کي 18 ارب 87 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا آهن، سنڌ حڪومت 18 سئو جو راشن به سنڌ جي ڪنهن خاندان کي ناهي ڏنو، وزيراعظم ڏکئي وقت ۾ س??ڌ کي ناهي وساريو، لاڪ ڊائون ۽ ڪرونا جي ??ري ڪيترائي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور متاثر ٿيا آهن، اسا?? بنا ڪنهن فرق جي سڀني کان اڳ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ غريب عورتن کي امداد ڏني آهي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ حليم عادل شيخ چ??و ته وزيراعظم عمران خان ڏکئي وقت ۾ س??ڌ کي وساريو نه آهي، لاڪ ڊائون ۽ ڪرونا وائرس جي ??ري ڪيترائي ڏهاڙيدار مزدور متاثر ٿيا آهن، سنڌ حڪومت رڳو اعلان ڪيو ته راشن ڏيئي رهيا آهيون، جيڪو اڃا تائين ناهي مليو.