ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ فوري طور تي جنگ جو خطرو نه آهي، خدشو آهي ته ڀارت پلواما طرز جو حملو ڪري پاڪستان کي ذميوار بڻائي سگهي ٿو، ڀارت سان سمورا تڪرار پرامن طريقي سان حل ڪرڻ چاهيون ٿا، ڪشمير تسليم ٿيل عالمي تڪرار آهي، ان تي گڏيل قومن جون 11 قراردادون موجود آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپا فروغ وٺي رهيا آهن، پاڪستان افغ??نس??ان جي صورتحال کان متاثر ٿيندو آهي، افغ??نس??ان ۾ امن ٿيندو ته وچ ايشي?? تائين واپار ممڪن ٿيندو، آمريڪا سمجهي ٿو ته افغ??نس??ان جي مسئلي جو حل طاقت جي استعمال سان ممڪن آهي پر آخرڪار ان کي ڳالهيون ڪرڻيون پيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي ميڊيا ??ائ??نسل کي خطاب ڪندي ڪيو