اسلام آباد – 08 جنوري (??ي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي شين جي سستي اگهن تي ??راهمي جي لاءِ 7 ارب رپين جي رليف پئڪيج کي عوام جي لاءِ تحفو ??را?? ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اقتصادي استحڪام کانپوءِ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جو پنهنجو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، رليف پئڪيج سان گهٽ آمدني وارن طبقن کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملن??ي. ??هڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي جي نائن مرڪز ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي دوري جي موقعي تي ??ي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو.