اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ن??مزدگي لاءِ خاص ڪميٽي جي قيام لاءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ سني اتحاد ڪائونسل کي خط اماڻي ڇڏيا آهن. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق اسپي??ر اياز صادق طرفان لکيل انهن خطن ۾ آئين جي آرٽيڪل 175 جي ذيلي شق 3 (اي) جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته خاص ڪميٽي ۾ 8 قومي اسيمبلي جا ميمبر ۽ 4 سينيٽ جا ميمبر شامل هوندا. آئين جي آرٽيڪل 175 (اي) جي ذيلي شق 3 (بي) تحت پارليامنٽ ۾ نمائندگي جي تناسب سان پارلياماني ليڊر پنهنجي پنهنجي پارٽي ما?? خاص ڪميٽي جي قيام لاءِ ميمبر نامزد ڪري. سينيٽ ما?? به اهڙي طرح خاص ڪميٽي ۾ 4 ميمبر شامل ڪيا ويندا. ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي ٽن سينئر تر??ن ججن ما?? چيف جسٽس آف پاڪستان جي ن??مزدگي ڪندي.