اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل (ر)نگار جوهر چيو آهي ته نياڻي?? جي تعليم جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ انه?? جي فيصلا سازي ۽ پاليسي سازي ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻو پوندو. جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ نياڻي?? جي تعليم جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان کي نياڻي?? جي تعليم لاءِ م??اشري روين کي چئيلنج ڪرڻو پوندو. ليفٽيننٽ جنرل (ر)نگار جوهر چيو ته تعليم ۽ معاشرتي روي?? جي چئيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ عورت?? جي فيصلا سازي ۽ پاليسي سازي ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته نياڻي?? جي تعليم لاءِ چئيلنجز تمام گهڻا آهن پر ان سان گڏوگڏ موقعا به بي شمار آهن. هن چيو ته نياڻي?? جي تعليم کي قومي بجيٽ ۽ پاليسي جو لازمي حصو بڻايو وڃي. هن چيو ته هو اهڙي معاشري ۾ وڌي ويج??ي آهي جتي صنفي فرق عام هو، نياڻي?? جي تعليم کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو هو، تعليم منهنجي زندگي ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. هن چيو ته مان اڄ هن مقام تي آهيان جتي ملڪ جي خدمت ڪري ر??ي آهيان ۽ نوڪري دوران اهڙا علائقا به ڏٺا جتي گرلز اسڪول تباهه ٿي چڪا هئا ۽ نياڻين کي زبردستي تعليم کان محروم ڪيو ويو هو. نگار جوهر چيو ته مان انهن بهادر نياڻين کي به ڏٺو جيڪي تعليم جي حق لاءِ اٿي بيٺيون ۽ جدوجهد ڪئي. هن چيو ته هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت سان نياڻين کي صحت جا به تمام گهڻا مسئلا آهن، هڪ صحتمند معاشري ۾ پڙهيل لکيل صحتمند عورت اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.