اسلام آباد-27 ڊسمبر (اي پي پي)قومي اسمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پيپلز پارٽي جي قائد ۽ اڳوڻي وزير اعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ??ندي چيو ته هن جمهوريت جي بحالي لاءِ پنهنجي حياتي جو نظرانو به پيش ??يو، محترمه بينظير ڀٽو جي 17هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو کي جمهوريت جي عالمي علمبردار طور هميشه ياد رکيو ويندو. کيس مسلم دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ قائدحزب اختلاف چونڊڻ ??و اعزاز حاصل آهي. سردار اياز صادق چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جدوجهد سان عورتن کي ملڪي سياست ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جو حوصلو ڏنو، ميثاق جمهوريت ميان محمد نواز شريف ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪوششن جو نتيجو آهي. هن چيو ته ميثاق جمهوريت 1973ع جي آئين کي ان جي روح مطابق بحال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان تحت آئين ۾ 18هين ۽ 26 ه??ن آئيني ترميم ڪئي وئي. سندس چوڻ هيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت جي بحالي ۽ آئين جي بالادستي لاءِ تمام گهڻيون خدمتون پيش ??يون. اسپيڪر ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ شهيد محترمه جي مف??همت جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.