بيجنگ- 18 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال وفد سان گڏ بيجنگ ۾ آءِ سافٽ اسٽون انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي پاڪستاني وفد جي آجيان آءِ سافٽ اسٽون جي عالمي ڪاروبار جي ن??ئب صدر مسٽرين لو ۽ انٽيليجنٽ اليڪٽرانڪ جي ن??ئب صدر مسٽر لي چوان ڪيو. وفاقي وزير احسن اقبال هيڊڪوارٽر ۽ نمائش جي علائقي جو دورو ڪيو، جتي کيس ڪمپني جي جديد منص??عا??، خدمتن ۽ حل جو مظاهرو ڏيکاريو ويو. ان موقعي تي کيس وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا ۾ ڪمپني جي ڪاروباري ترقي جي منصوبن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پاڪستاني وفد به سي پيڪ جي تعمير ۾ ٽيڪنالاجي جي انضمام تي هڪ بريفنگ ڏني. ٻنهي ڌرين آءِ ٽي جي شعبي ۾ مستقبل ۾ تعاون ۽ عملي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ٻنهي ڌرين اميد ظاهر ڪئي ته هو جديد ڊجيٽل ٽيڪنالاجي منص??عا?? ۽ حل تيار ڪرڻ لاءِ تعاون ڪن. پاڪستاني وفد ۾ سياسي قونصلر حسيب گوهر، سا??نس ۽ ٽيڪنالاجي قونصلر خان محمد وزير ۽ رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري ??زا??ت جي انفرااسٽرڪچر اسپيشلسٽ ڊاڪٽر مزمل ضيا شامل آهن.