اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ مختلف آپريشنز دوران 43 دهشتگرد جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي ف??رس?? کي خر??ج تحسين پيش ڪندي ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو آهي ته پاڪستان جي بهادر فوج دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ هر وقت سرگرم ??مل آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فتنه الخوارج ۽ بلوچستان ۾ سرگرم ٻين دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائڻ تي ف??رس?? جي بهادري کي ساراهيو. صدر چيو ته مختلف آپريشنز دوران وڏي پئماني تي دهشتگردن جو خاتمو سيڪيورٽي ف??رس?? جي وڏي ڪاميابي آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سيڪيورٽي ف??رس?? جي ڪردار معترف آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي خلاف وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:13