اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري زوب ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سي??يورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ م??جب صدر ڪامياب ڪارروائي دوران 15 خوارجين کي جهنم واصل ڪ??ڻ تي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن آپريشن دوران دهشتگردن سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ سپاهي ع??رف الرحمان شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو، هن شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي ع??م جو اظهار ڪندي چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سي??يورٽي فورسز سان گڏ آهي.