اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪولاچي، ڊيره اسماعيل خان ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ساراهيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن دوران ٻن خارجين کي جهنم واصل ڪرڻ ۽ هڪ کي گرفتار ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي ساراهيو. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ??يڪيورٽي فورسز جا قابل فخر آفيسر ۽ اهلڪار ڏينهن رات ملڪ کي د??من ع??صرن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ مصروف عمل آهن. هن چيو ته مون سميت پوري قوم دهشتگردي جي ان جنگ ۾ سيڪيورٽي فور??ز سان گڏ بيٺل آهي.