اسلام آباد- 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري، فتنه
الخوارج جي دهشتگردن خلاف بروقت ڪارروائي تي ??يڪيورٽي فورسز کي
ساراهيو آهي. صدر مملڪت ڪارروائي دوران 4 خوارج جهنم حوالي ڪرڻ
تي ??يڪيورٽي فورسز جي بهادري جي تعريف ڪئي ۽ ڪارروائي دوران
شهادت جو رتبو ماڻيندڙ سپاهي عامر سهيل آفريدي کي خراج عقيدت ??يش ڪيو.
ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان ?? صدر مملڪت
آصف علي زرداري، سيڪيورٽي فورسز کي خيبر ضلعي ۾ پاڪ افغان بارڊر
تي مداخلت ناڪام بڻائڻ تي ??راج تحسين ??يش ڪيو. صدر مملڪت ڪارروائي
دوران 4 خوارج جهنم حوالي ڪرڻ تي ??يڪيورٽي فورسز جي بهادري جي
تعريف ڪندي ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ سپاهي عامر سهيل آفريدي کي
خراج عقيدت ??يش ڪيو. هن سپاهي عامر سهيل آفريدي شهيد جي حب الوطني
واري جذبي جي واکاڻ ڪئي ۽ شهيد جي گهر??ات??ن سان تعزيت جو اظهار ۽
صبر جي دعا ڪئي. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي
فورسز ملڪي سرحدن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي. صدر مملڪت
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ ملڪي سرحدن جي حفاظت جي عزم جو
ورجاءُ ڪيو.