اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خا?? چيو آهي، ته کاڄرو تيل جي مقامي پيداوار وڌائڻ لاءِ پائليٽ منصوبا ضروري آهن، کاڄرو تيل جي امپورٽ تي ڀاڙڻ کي گهٽائڻ لاءِ اثرائتي پاليسي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پاڪستان بناسپتي مين??وف??ڪچررز ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات ۾ ڪئي. وفاقي وزير وفد کي کاڄرو تيل جي پاليسي لاءِ تجويزون ٻن کان ٽن ڏينهن اندر جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير وفد کي انڊونيشيا ۽ ملائيشيا سان ڊيوٽي ۾ گهٽتائي لاءِ ڳالهين جي خاطري ڪرائي. ڄام ڪمال خا?? چيو ته چانور جي بوسي مان تيل ڪڍڻ لاءِ منصوبه به غور هيٺ آهي، کاڄرو تيل جي شعبي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ حڪومت ڀرپور سهڪار ڪندي. ه?? چيو ته کاڄرو تيل جي صنعت کي درپيش چئلينجز تي حڪومت ڌيان ڏئي رهي آهي.